شهيد مخدوم بلاول ڪتاب

شهيد مخدوم بلاول ڪتاب

شهيد مخدوم بلاول ڪتاب

شهيد مخدوم بلاول (ڪتاب): شهيد مخدوم بلاول بابت لکيل هن ڪتاب جو مرتب آزاد قاضي آهي. ڪتاب ۾ مخدوم بلاول بابت لکيل مختلف شخصيتن جون تحريرون شامل آهن، ڪتاب کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، پهرئين حصي ۾ مخدوم صاحب جو سوانحي خاڪو ڏنل آهي، جنهن ۾ 11 تحريرون شامل آهن، حصي ٻئي ۾ مخدوم بلاول بابت ‘علمي مباحثي’ جي حوالي سان 13 شخصيتن جي تحريرن ۽ تبصرن کي شامل ڪيو ويو آهي. ٽئين ۽ آخري حصي ۾ ضميما ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ پروفيسر غلام رسول سومري ۽ آزاد قاضيءَ جون تحريرون ڏنل آهن. ڪتاب جو مقدمو آزاد قاضيءَ لکيو آهي. پيش لفظ پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، پبلشر پاران گلشير بلوچ لکيو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو آگسٽ 2006ع ۾ گلشن پبليڪيشن حيدرآباد/ لاڙڪاڻي پاران ڇپايو ويو. پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 336 صفحا آهن ۽ ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو